پاڻ سڳورن جا خط

پاڻ سڳورن جا خط

پاڻ سڳورن جا خط

پاڻ سڳورن جا خط (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محمد اشرف سمي جو ترتيب ڏنل آهي، رحمة اللعالمين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جا لکيل عربي متن ۾ خط، سهيڙي سنڌي ترجمي سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. حضور صلي الله عليه وسلم جن صلح حديبيه کانپوءِ 7 هه / 628ع جي شروعات ۾ پاڙيسري ملڪن جي عربي عجمي بادشاهن ’عربن اميرن‘ ۽ مختلف قبيلن جي سردارن کي وقت به وقت خط تحرير ڪيا، جن ۾ اسلام جي تبليغ سان گڏ غيرآباد زمينن جي آبادڪاري، سياسي، سماجي حق ۽ مطالبا، ٽيڪس، جزيو، جاگيرن جا پروانا ۽ ڪيترائي شرعي احڪام ۽ فيصلا پڻ درج آهن. پاڻ ڪريمصه جي انهن خطن جو تعداد 300 کان به وڌيڪ آهي، جيڪي گهڻي حد تائين احاديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ موجود آهن. هن وقت تائين پاڻ ڪريمصه جا صرف چار اصلي خط دستياب ٿيا آهن، جن جي اصل تحرير پڻ موجود آهي. انهن مان: (1) حبش جي بادشاهه اصحمه نجاشي طرف، (2) مقوقس مـصـر جـي بـادشاهه طرف، (3) بحرين جي گورنر منذر بن ساويٰ طرف، ۽ (4) ايران جي بادشاهه خسرو پرويز طرف موڪليل خط شامل آهن. انهن چئني خطن جو اصلي عڪس پڻ هن ڪتاب ۾ موجود آهي. مختلف حديثن ۽ سيرت پاڪ جي ڪتابن جا کنيل ڪل 91 خط هن ڪتاب ۾ موجود آهن. فاضل ترجمي نگار خط جي اصل عربي متن سان گڏ ان جو آسان سنڌي ترجمو شامل ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 285 صفحن ۽ چار رنگي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي، هي ڪتاب 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو